ٿرپارڪر ۾ موجود پاتالي پهڻ گرينائيٽ

ٿرپارڪر ۾ موجود پاتالي پهڻ گرينائيٽ

پاتالي پهڻ

پاتالي پهڻ (Granite ):هيءُ پٿر بيحد سخت، آتشي ۽ داڻيدار بلوري پاتالي ٽَڪر جو قسم آهي، جنهن جو رنگ خاڪي ۽ گلابي مائل ٿئي ٿو. هن پٿر کي گرينائيٽ به چيو وڃي ٿو. هن ۾ سرخ قلمي ڌاتو (Feldspar)، بلوري پٿر ((Quartz، Mica ۽ Magma جي وڏي مقدار ۾ ميلاپ بعد آهستي آهستي ٺرڻ سان ٺهندو آهي. هي پٿر گهڻو ڪري عمارتسازيءَ ۾، خاص طرح سان اڏاوت جي ٻاهرين سطح کي چلڪائي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪبو آهي. البت هن ۾ جيڪو ابرق ۽ فيلسپر جو عنصر موجود هوندو آهي، سو ڪيميائي ڦير گهير جي ڪري موسمي اثرن کي گهڻو اندر وڃڻ کان روڪي نٿو سگهي. سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ واقع ڪارونجهر جبل ۾ به گرينائيٽ پٿر موجود آهي، جيڪو 40 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي ۽ 1450 کان 1500 فوٽن جي اوچائي تائين ملي ٿو. ڪيترن سالن کان ڪارونجهر ۾ موجود گرينائيٽ کي ڊائناميٽ ذريعي ٽوڙي، ٽرالرن ذريعي ملڪ جي وڏن ڪارخانن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو، جتان تراشجڻ بعد ٻين ملڪن ڏانهن در آمد ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو